سوالن جي سامهون
سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا
نسيم ٿيٻو
سوال ڪندڙ: امداد حسيني، سحر امداد، عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت
حسين شورو، حليم بروهي، نصير مرزا، هدايت پريم، اڪبر جسڪاڻي، علي نواز گل،
ناز سهتو، اعجاز منگي ۽ نياز پنهور،
امداد حسيني:
ماڻهو لکي ٿو: اجوري لاءِ، شهرت لاءِ، تقليد ۽ فيشن طور، اندر
جي اڌمي جي اظهار لاءِ، ٻوليءَ کي بچائڻ، سڌارڻ ۽ وڌائڻ لاءِ، سيلف
سئٽفيڪشن لاءِ، قوم تي ٿوري ٿڦڻ لاءِ، ته تون ڇا لاءِ ٿي لکين!؟
نسيم ٿيٻو
مون کي ته اڄ ٿي خبر پوي ته ڪهاڻي ڪلا کي سرجڻ لاءِ ايڏا
بيهودا ڪارڻ به ٿي سگهن ٿا. مان انسان ذات کي محنت ڪندي ڏسندي آهيان ۽
پوءِ به لٽي، اجهي، ماني لاءِ رڙندو ڏسندي آهيان، ته ان انياءَ کي ختم ڪرڻ
لاءِ ڪلا کي اپنايم
سحر امداد:
تو لکڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟
نسيم ٿيٻو:
لکڻ لاءِ جيڪو اتساهه هوندو آهي، اهو مون منجهان ختم ٿي ويو آهي.
علي نواز ڦل:
زندگيءَ جي ڪنهن گهڙيءَ ۾ ڪڏهن ائين ته ڪو نه سوچينديون آهيو، ته ان کان چڱو هو ته ڄمان ئي نه هان!
نسيم ٿيٻو:
ڪڏهن ڪڏهن حياتيءَ ۾ اهڙا لمحا به آيا آهن، جن ۾ ائين سوچيو اٿم. هونءَ به زندگي رڳو ورجاءُ آهي.
نصير مرزا:
توهان پنهنجي ڪنهن انٽرويوءَ ۾ ڪنهن باغ جو ذڪر ڪيو هو، جنهن ۾
اوهان وڃي پينگهه ٽنگي لڏنديون هيون، زندگيءَ ۾ انهن ڏينهن جون ڪي ٻيون
يادون؟
نسيم ٿيٻو:
مون پنهنجي ڪنهن به انٽرويوءَ ۾ اهو ڪونه چيو هو ته باغ ۾
پينگهه تي لڏندي هيس، باقي يادگيريون ته تمام گهڻيون آهن، انهن يادگيرين تي
ته پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. تنهن هوندي به هڪ ٻه يادگيريون هتي لکان ٿي:
موسيقي منهنجي روح منهنجي ساهن ۾ رچيل آهي، مان جڏهن ڇهن ستن
سالن جي هيس تڏهن کان وٺي مان جڏهن هندستاني پراڻا گانا ٻڌندي هئس ته راند
ڇڏي اچي ريڊئي جي ڀر ۾ بيهندي هيس اها ڪلا لاءِ چاهت مون کي ورثي ۾ ملي
آهي. مان توهان کي هڪ عجيب واقعو ٻڌايان، تنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي.
هڪ ڀيري جڏهن مان ڇهن ستن ورهين جي هيس ته پنهنجي اباڻي گهر
جي اڱڻ ۾ بيٺي هيس. ڏاڏي بيمار هئي. پڦي روئي پئي ۽ گهڙي ڪمري ۾ اچي پئي ۽
گهڙي اڱڻ ۾ ڀانيان ٿي ته ڏاڏيءَ کي سڪرات هئي. هن پڦيءَ کي سڏ ڪيو ۽ جهيڻي
آواز ۾ چوڻ لڳس ته ڪوئي هندستان جو پراڻو گانو گرامون فون تي لڳاءِ پڦي
اندر وئي ۽ دوا کڻي آئي. ڏاڏيءَ چيس ته منهنجا پويان پساهه آهن. جيستائين
مون کي ڪوئي گيت نه ٻڌرائيندين، تيستائين منهنجو ساهه نه نڪرندو، وڃ وڃي
گيت هلاءِ. پڦي روئندي وئي ۽ وڃي گرامون فون تي سهگل جو گيت چاڙهيائين:
”بالم آئي سو ميري
من ميت“
پوءِ ڏاڏي اهو گيت ٻڌندي مري ويئي: گيتن لاءِ ايتري چاهت کي ڏسي مان ڏاڍي متاثر ٿيس. مون کي به هندستاني پراڻا گيت ڏاڍا وڻندا آهن.
ٻيو ته ننڍي هوندي مان پنهنجي وڏي ڀاءُ سان روز شام ڳوٺ جي
ڀرسان وهندڙ سنڌو جي ڪپ تي گهمڻ ويندي هيس، رستي جي کوهه تان ڳوٺ جون مايون
دلا ڀرينديون هيون، درياءَ جي ڪناري سان ساوا گيت سانجهي وقت اولهه ۽
لهندڙ سج جو شفق انهيءَ جي هيٺيان درياء جون لهرون، مون کي بيحد وڻنديون
هيون ۽ نصير سوچيندي آهيان ته ننڍپڻ ۾ فطرت جي ڪيتري به ويجهي هيس ۽ هاڻي
زندگي فطرت کان ڏڪي ڪيترو نه پري ڪري ڇڏيو آهي.
شوڪت حسين شورو
توهان جون ڪهاڻيون اڪثر ڪري طويل هونديون آهن، ان جو ڪو سبب؟
نسيم ٿيٻو:
منهنجو ٻارنهن کن ڪهاڻيون ايڏيون طويل ڪونهن باقي ٽي چار
ڪهاڻيون برابر ڪافي طويل آهن. ذهن ۾ جيترو مواد هوندو آهي ۽ ڪهاڻي جي
جيتري ڊمانڊ هوندي آهي، اوترو ئي ڪهاڻيءَکي طويل ڪرڻو پوندو آهي.
عبدالقادر جوڻيجو:
توهان جي لکڻين توهان کي ڇا ڏنو آهي؟
نسيم ٿيٻو:
هڪ رائيٽر جي حيثيت سان ڪهاڻيون لکندي مان ماڻهن جي جذبن ۽
سماجي حالتن کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪيو آهي، منهنجي خيالن ۾ ماڻهن جي انهن
جذبن سان ايڏي ويجهڙ مون لاءِ وڏي معنيٰ ٿي رکي.
هدايت پريم:
سنڌي ڪهاڻي دنيا جي ٻين ٻولين جي ڪهاڻيءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿي؟
ٻين لفظن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جو عالمي ادب ۾ ڪهڙو مقام آهي؟
نسيم ٿيٻو:
اها هڪ سچي ڳالهه آهي ته اسان جو ادب ٿورو آ، پر اهو معياري
ضرور آ. اسان پنهنجي ادب جي چڱي حصي کي عالمي ادب جي معيار تي پرکي سگهون
ٿا، پر هدايت اسان هڪ ڏتڙيل قوم آهيون، اسان جي ٻولي ۽ قوم ايتري ترقي نه
ڪئي آ، جو اسان پنهنجا موتي بين الاقوامي جوهرين جي جهول ۾ وجهي سگهون. هن
وقت جون ڪافي ڪهاڻيون روس جي انقلاب واري دور جي ڪهاڻين سان ڀيٽي سگهون ٿا.
نياز پنهور:
هڪ سنڌي ليکڪا ان سوال جي جواب ۾ ته توهان ڪهڙين حالتن ۾
لکندا آهيو؟ وراڻيو ته جڏهن ننڊ نه ايندي اٿم ته قلم کڻي ويهندي آهيان ۽
لکندي پرهه ڦٽي ويندي اٿم ته توهان حالتن کان انسپائر ٿي لکندا آهيون يا
ننڊ نه ايندي اٿو ته پوءِ لکندا آهيو؟
نسيم ٿيٻو:
تخيل منهنجي ذهن ۾ لاوا ڪري پچندو رهندو آهي، جڏهن مان پنهنجي
اکين سان انساني قدرن کي ذليل ٿيندي ڏسندي آهيان، پيار جي ڪنڌ تي ڪهاڙيون
لڳندي ڏسندي آهيان، خواهشون چيڀاٽينديون ڏسندي آهيان ته پوءِ ان وقت سڀئي
ڳالهيون پڪل لاوا بڻجي ڦاٽ کائيندون آهن ۽ پني تي ڪائي ڪهاڻي سرجي پوندي آ.
نياز پنهور:
ڪجهه پبلشرن عورتن لاءِ جدا ادبي رسالا ڪڍڻ شروع ڪيا ته ڇا توهان اهڙي قسم جي زناني ۽ مرداني ڪمپارٽمينٽ جا حامي آهيو؟
نسيم ٿيٻو:
آخر مان ڪيئن چاهينديس ته انسانن ۾ ڪائي ورڇ هجي. مان ته
ذاتين ۽ قومن جي بنياد تي به ماڻهن کي نه ورهائيندي آهيان. هي سنڌي آ، هي
پنجابي آ، هي پٺاڻ آ، هي بنگالي آ، ماڻهن جون دليون ۽ احساس هڪجهڙا ئي آهن.
آخر اسان ٻاهران ليکڪ ايتري پيار سان ڇو پڙهنداسون، جڏهن انهن جي ڪتابن ۾
اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي تصوير نظر نه ايندي. عورت ۽ مرد کي ڪلا ۾ ڌار
ڪرڻ ته منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڏي غلط ڳالهه ٿيندي.
ناز سهتو:
لکڻ وقت موضوع ۾ موجود تضادن کي اوهين ڪهڙي طريقي سان نڀائينديون آهيو، معروضي حالتن جي ڪسوٽي تي يا منطقي بنيادن تي؟
نسيم ٿيٻو
منهنجي ڪهاڻين ۾ سادا سودا ۽ سمجهه ۾ ايندڙ مسئلا هوندا آهن، تضاد ته ڪهاڻين ۾ هوندا ئي ڪونهن.
ناز سهتو: سنڌي ادب ۾ شعور جي وهڪري (اسٽريم آف ڪانشسنيس) واري اسٽائيل پختي نموني ڇپي ڇو نه سگهيو؟
نسيم ٿيٻو:
ڪهاڻين ۾ شعور جي وهڪري واري اسٽائيل ڪجهه ڏکي ۽ سمجهه ۾ نه
ايندڙ ۽ ڪهاڻيڪار جي ذهني مونجهارن تي لکيل هوندي آهي، اهڙي ڪهاڻي رڳو
نفسيات جا ماهر ئي سمجهي سگهن ٿا. عام پڙهندڙ ڪهاڻي دلچسپيءَ جي ڪري پڙهندو
آهي، جيڪا اهڙي ڪهاڻيءَ ۾ ڪا نه هوندي آهي، اهڙي ڪهاڻي پڙهندڙ کي ڏڪائي
ڇڏيندي آهي؟
حليم بروهي:
سنڌي اديب سنها ٿيندا آهن، توهان ٿلهيون ڇو آهيو؟
نسيم ٿيٻو
مون کانسواءِ ٻيا سنڌي اديب به ٿلها آهن، جيئن مثال طور: شيخ
اياز، عبدالقادر جوڻيجو، خيرالنساءِ جعفري، موهن ڪلپنا ٻيا به نالا کڻان!
ڇا؟
اڪبر جسڪاڻي:
هينئر تائين توهان جيڪو ڪجهه ڀوڳيو آهي. ان ڀوڳيا ۾ اوهان ڪيتري قدر انوالو آهيو؟
نسيم ٿيٻو:
اسان جي سوسائٽي سخت ڊپريشن ۾ آهي. جنهن ۾ ڏاڍن جو سماج تي
قبضو آهي. مان خود هن سماجي جيل جو قيدي آهيان. مان حياتيءَ ۾ جيڪو ڀوڳيو
آهي، ان ۾ گهڻو هٿ سماج جو آهي. ۽ ڪي ذاتي سبب به آهن.
اعجاز منگي:
اوهان هڪ ڪميٽڊ ليکڪا آهيو، چون ٿا ته اسان ڪمٽيڊ ناهيون، اوهان جو انهن متعلق ڪهڙو خيال آهي؟
نسيم ٿيٻو:
هائو مان هڪ ڪمٽيڊ ليکڪا آهيان، ۽ هر ليکڪ کي ڪميٽڊ هجڻ گهرجي
ڇو ته ليکڪ بنيادي طور تي حساس ٿيندو آهي. آخر هو انسانن جي ڏکن، سورن ۽
سماجي مسئلن کان ڪنڌ ڪيسين ٿو ڪڍائي سگهي. جيڪڏهن ليکڪ ماڻهن جي مسئلن تي
ڪونه ٿا لکن، انهن کي ڇپائڻ جو ڪو حق ڪونهي. اهڙن اديبن کي ادبي طور جون
ڊائريون لکڻ کپن. جنهن کي رڳوهو پاڻ ئي پڙهن. اهڙا ليکڪ ادب جي سماجي ڪارج
کان واقف نه هوندا آهن. توهان انهن کي اديب ٿا چئو مان ته کين جاهل
چونديس.
هدايت پريم:
جيئن ته توهان جو تعلق اقتصاديات سان به آهي، تنهن ڪري هي
ٻڌايو ته ادب جو اقتصاديات سان ڪهڙو تعلق آهي، خاص طور سنڌي جي حوالي سان
ٻڌائيندا؟
نسيم ٿيٻو
اقتصادي مسئلا سماجي مسئلن جو سڀ کان وڏو حصو آهن.
بک،بيروزگاري ۽ تعليمي کوٽ ان جو واسطو معاشيات سان آهي، ڪهاڻيڪار به اهڙن
مسئلن کي پنهنجن ڪهاڻين ۾ ڏين ٿا ۽ تقريباً ٻيا مسئلا به معاشي مسئلن مان
ڦٽي نڪرن ٿا. دنيا جي ادب ۽ انهن سڀني مسئلن کي کنيو ويو آهي ۽ منهنجي نظر ۾
معاشيات ۽ ادب جو گهرو تعلق آهي.
اڪبر جسڪاڻي:
عورت، استاد ۽ اديبا مان اوهان کي اوهان جو ڪهڙو ڪردار پسند آهي.
نسيم ٿيٻو
استاد خود هڪ جوابدار ۽ معتبر ڪردار آهي.پر مون کي پنهنجي
ڪلاڪار هجڻ سان وڌيڪ محبت آهي. ڇو ته انساني وجود جون پيڙائون ۽ ڀوڳنائون
هڪ ڪلاڪار جي وڌيڪ ويجهو ٿين ٿيون. سماج ۾ شعور ميجارٽيءَ تائين هڪ ڪلاڪار
پهچائي سگهي ٿو.
نصير مرزا:
توهان پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڏيڻ ڇا ٿيون چاهيو؟
نسيم ٿيٻو:
مان پنهنجن ڪهاڻين ۾ هن اڏوهي کاڌل سماج کي تبديل ٿيڻ جي ڪوٺ
ڏيندي اهيان، غربت، سماجي مسئلا عورتن سان زيادتي رومانس، آزادي ۽ اهڙن
مسئلن تي لکندي آهيان.
علي نواز ڦل:
توهان جو ادبي دنيا ۾ اچڻ جذباتي فيصلو هو يا هاڻي چپ چاپ بنا موڪلائڻ جي ادبي دنيا مان نڪري وڃڻ جذباتي فيصلو آهي؟
نسيم ٿيٻو
مان ادبي دنيا ۾ سوچي سمجهي آئي هيس، تنهن ڪري ڪنهن به طرح اهو جذباتي فيصلو ڪو نه آهي.
(روزانه ’مهراڻ‘ حيدرآباد 24- نومبر ۽ 1- ڊسمبر 1984ع تان کنيل)
0 comments: