Interview of Naseem Thebo By Ambreen Hisbani
انٽرويو: امبرين هيسباڻي
زندگيءَ جي رڃ ۾ هيڪلي
مادام نسيم ٿيٻو
ستر جي ڏهاڪي جي سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪارا، هن وقت سنڌ
يونيورسٽيءَ جي اقتصادي شعبي جي ايسوسي ايٽ پروفيسر پر اڄ ڪلهه ادبي طور
خاموش زندگي گذاريندڙ نسيم ٿيٻو بابت هڪ خيال هي به ٿي سگهي ٿو ته جيئن بدر
ابڙي جي لکڻ کان پوءِ جمال ابڙو خاموش ٿي ويو. بلڪل ائين تانيا ٿيٻو جي
اڀرڻ کان پوءِ نسيم به خاموشي اختيار ڪئي هجي، پر مان ان خيال سان سهمت نه
آهيان، ڇاڪاڻ ته تانيا نسيم جي خيالن جي ٻاٽي مان اڀريل اڪيلو گل ناهي، پر
نسيم ٿيٻو جو خاندان ته پنهنجي اڳياڙي ۽ پوياڙي سميت اديبن جو گلدستو آهي.
نوجوان ڪهاڻيڪارا تانيا ٿيٻو جي ماءُ نسيم ٿيٻو پهرين سنڌ جي ناول نگار
عورت محترمه بادام ناتوان جي ڌيءُ به آهي، جنهن ”قلبي اُڃ“ ۽ ”خوش خصلت
خاتون“ جهڙا ناول لکيا. نسيم ٿيٻو جي پيڙهيءَ ۾ ادب جو ذوق رڳو عورتن تائين
ئي محدود نه آهي پر سندس ڀاءُ مير ٿيٻو به ادب جي دنيا جو وڏو نانءُ آهي.
مير، جيترو پڙهيو اوترو لکيو ناهي. انڪري ادبي دنيا ۾ کيس ڪنهن ڄاتل سڃاتل
جي لفظ سان پڪاريو ته نه ٿو وڃي پر ڌاڙيلن طرفان اغوا ٿي وڃڻ کان پوءِ (مير
ٿيٻي جي اغوا کان ٽي سال کن اڳ سندس ڀاءُ شهزاد ٿيٻي کي اغوا ڪيو ويو هو)
ڀنگ ڀري آزاد ٿي موٽي اچڻ تي مير اٽڪل ٻن مهينن تي مشتمل پنهنجي يرغمالي
زندگيءَ تي جيڪا ڊائري لکي آهي، اها سنڌ ۾ ڌاڙيل عنصر ۽ ان جي نفسيات
ويجهي تر مشاهدي تي لکيل سڀ کان وڌيڪ مستند ۽ شاهڪار لکڻي آهي. ساڳي ريت
نسيم جو ٻيو ڀاءُ گلزار ٿيٻو به انگريزي ادب جو چڱو موچارو ڄاڻو ۽ اڄ ڏينهن
تائين پاڙهو آهي. ڳالهه رڳو اتي ختم نه ٿي ٿئي. خاندان کان نڪرندي نسيم کي
ٻاهر جيڪو ماحول مليو اهو به ادبي ۽ سياسي هو. پاڻ ستر واري ڏهاڪي ۾ رسول
بخش پليجي سان ازدواجي رشتي ۾ ڳنڍي، جيڪو سنڌ جي چئن وڏن علمي، ادبي ۽ عقلي
نانوَن (سوڀو گيانچنداڻي، جي. ايم. سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجي) مان هڪ
آهي ۽ اڄ هوءَ سنڌ جي نوجوان اديب، شاعر ۽ صحافي اعجاز منگيءَ جي گهر واري
انيتا ٿيٻو جي ماءُ هئڻ ڪري اعجاز جي سس به آهي. پنهنجي ڀائرن، مير ۽
مختيار جي ڪميونسٽ پارٽيءَ اندر مرڪزي حيثيت هئڻ ڪري ستر واري هاڪي ۾
پنهنجي مڙس رسول بخش پليجي جي سنڌي عوامي تحريڪ جي رهنما هئڻ ڪري ۽
ويجهڙائي ۾ تانيا ۽ اعجاز جي سياسي لاڳاپن ڪري هوءَ ملڪ جي عام طرح ۽ سنڌ
جي قومي ۽ انقلابي سياست کي خاص طرح ۽ ويجهي کان ڏسندي رهي آهي. اهڙي ماحول
۾ رهندي ڪري، سندس تخيل جو هلچل ۾، ۽ قلم جو جنبش ۾ هئڻ فطري هو. پاڻ ستر
واري ڏهاڪي ۾ جام ڪهاڻيون لکيون اٿائين ۽ هينئر جيئن پوءِ تيئن سندس
زندگيءَ جي سفر جون وکون خاموش پسند وستيءَ ڏانهن وڌي رهيون آهن. مون فيصلو
ڪيو ته سنڌالاجيءَ جي سامهون وارن بنگلن مان هڪ ۾ رهندڙ هن اديبا کان
اڄوڪي سنڌ کي واقف ڪرائجي. ٻاهر سج لهي چڪو آهي، ڄام شوري جون هوائون بهار
جي موسم ۾ سياري طرفان وڻن جي ڪيرايل زرد پنن سان کيڏي رهيون آهن. نسيم
ٿيٻو جي گهر جي ڪمري ۾ صوفي تي سندس مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ اليڪٽرانڪ جي آخري
سال ۾ پڙهندڙ ڌيءُ تانيا، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ چوٿين سال ۾ پڙهندڙ ڌيءُ
انيتا، انيتا جو گهر وارو اعجاز ۽ انيتا جو ٽن سالن جو پٽ سارنگ ويٺل آهن.
نسيم کان منهنجو پهريون سوال ان ڪيفيت بابت هو، جنهن هن کي
لکڻ لاءِ اتساهيو. جواب ۾ هن پنهنجي ان ئي گهريلو ادبي ماحول جو ذڪر ڪيو،
جنهن جو مٿي بيان ٿي چڪو آهي. پنهنجي گهريلو ادبي ماحول جي تشريح ڪندي هن
چيو ته ”آءٌ ننڍي هوندي کان ان ادبي ماحول ۾ پلي آهيان، جتي جذبن جو اظهار
قلم ذريعي ٿيندو هو“. سندس ئي لفظن ۾ ته سندس خيالن ۽ قلم کي سگهاري بنائڻ
جا ٻيا ذريعا سندس ڳوٺ جي غربت ۽ ان وقت هندستان مان نڪرندڙ رسالو ”بيسوين
صدي“هو. ته پوءِ ان جو مطلب ته اڄ اهي محرڪ نه رهيا آهن، جيڪي اڳي هئا. ان
سوال ذريعي مون کانئس هاڻي نه لکڻ جو سبب پڇيو. پاڻ جواب ۾ نه لکڻ جي سبب
کي سستي ڄاڻائيندي چيائين ته هن جيڪڏهن لکيو به ته اهو شايع نه ڪرائيندي.
ميهڙ جي ٻاهران ”گهاڙيءَ“ نالي سڏجندڙ اهو ڳوٺ جنهن جي غربت مان متاثر ٿي
هوءَ لکندي هئي، ان کي ڇڏئي هن کي سال ٿي ويا آهن ۽ ڄام شورو توڙي حيدرآباد
عام طرح سفيد پوشن جون وسنديون آهن. مون کيس کولڻ جي ڪوشش ڪندي کانئس
پڇيو ته ڪٿي ائين ته ناهي ته توهان پنهنجي اتساهه بخشيندڙ ان غربت واري
ماحول کان ڪٽجي ويا آهيو، جيڪو توهان ٻهراڙيءَ ۾ ڏسندا هئا؟ ان تي ”نه“ جي
لفظ کي ٻه ڀيرا ورجائيندي هن چيو ته هوءَ اڄ به عام ماڻهوءَ جي حالت کان
چڱي طرح واقف آهي. پاڻ هن ڀيري به ساڳي راءِ جي هئي ته سندس نه لکڻ جو سبب
صرف ۽ صرف سستي آهي. سستيءَ جي لفظ تي جڏهن هن زور ڏنو، تڏهن مون کانئس سنڌ
جي ٻين اديبن بابت راءِ پڇي، جيڪي پڻ هن وانگي گوشانشيني اختيار ڪري ويا
آهن. منهنجي خيال کي روڪيندي پاڻ چيائين ته امر جليل ۽ آغا سليم لکڻ ڇو ڇڏي
ڏنو آهي. ان جي کيس خبر ناهي. ”شايد اهي به مون وانگي سست ٿي ويا آهن.
باقي نئين ٽهيءَ ۾ نوجوان لکي رهيا آهن.“ . پنهنجي ڌيءُ جو مثال ڏيندي هن
چيو ته تانيا باقاعده ڪهاڻيون لکي رهي آهي، جن مان ڪافي ڇپجي چڪيون آهن.
ادب لکجي پيو، ان ۾ مڪل جمود ڪو نه آهي. ”ها ڪهاڻيون ته ايڪڙ ٻيڪڙ لکجن
پيون پر ”ناول“ ته پراڻي دور جي ڳالهه ٿي وئي آهي“. سنڌ ۾ ناول جي ته لکجڻ
جا ڪهڙا سبب آهن؟ ان تي هن جواب ۾ اديبن ڏانهن معذرت به شامل هئي. سندس
خيال هو ته ”ناول جي لاءِ جيتري وقت ۽ ريسرچ جي ضرورت آهي، اها اسان جي
اديبن کان نه ٿي پڄي.“ مون امر جليل جي انهن لکڻين بابت جڏهن هن کان پڇيو
ته ”اڄ ڪلهه جي امر جليل وارين اخباري لکڻين ۾ هو نه رڳو پنهنجي پراڻن
ڪردارن کي ورجائي رهيو آهي پر ٻولي، حوالا، ۽ محاورا به ساڳيا پراڻا
استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڇا جيڪڏهن توهان لکڻ شروع ڪيو ته پوءِ توهين به
پنهنجن پراڻن موضوعن ۽ اسٽائل تي لکڻ پسند ڪندؤ؟“ تڏهن هن جو جواب ”نهڪر“ ۾
هئو. هن چيو ته ”ڏسڻو آهي ته اها ڪيفيت ڪيستائين ٿي رهي، پر جيڪڏهن ۽ جڏهن
به مون لکڻ شروع ڪيو ته آءٌ انهن نون ڏکن ۽ ڏاکڙن بابت لکندس، جن مان اسان
جو عام ماڻهو هاڻي گذري رهيو آهي“.
مون لٽريچر تي هلندڙ بحث دوران سوالن جو مُنهن صحافت ڏانهن
موڙيو ۽ کانئس پڇيو ته عام تاثر اهو آهي ته جيئن جيئن صحافت پنهنجو اثر
مڃرائي رهي آهي، تيئن تيئن لٽريچر پس منظر ۾ وڃي رهيو آهي. توهان جو ان
بابت ڪهڙو خيال آهي؟“ ان تي لٽريچر جي دنيا جي واسيءَ صحافت جي حق ۾ راءِ
ڏني. هن جو چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ جنهن شعور جي سنڌي ماڻهن کي ضرورت هئي، اها
کين لٽريچر مهيا ڪندو هو پر هاڻي سنڌي ماڻهو به ٻي سڄي دنيا وانگي تڪڙي
معلومات ٿو چاهي. هو اهو جهٽ پٽ معلوم ڪرڻ ٿو چاهي ته کيس پوئتي رکڻ
واريون قوتون اڄ ڪلهه ڇا ڪري رهيون آهن ته جيئن هو پنهنجي پاڻ کي به ان جي
مقابلي لاءِ تيار ڪري سگهي. مون نسيم جي دلچسپي ۽ ذهني وابستگيءَ کي وڌيڪ
سمجهڻ پئي چاهيو ۽ سندس خيال جي تارازيءَ ۾ صحافت ۽ لٽريچر کي وري تورڻ
لاءِ کانئس پڇيو ”اڄ ڪلهه سنڌي صحافت ۽ جديد سنڌي لٽريچر جيڪي هاڻي پاڻ ۾
مقابلو پيا ڪن. ان مقابلي ۾ توهان جي اڳيان جيڪڏهن هڪ تازو رسالو ۽ ڪنهن
ليکڪ جو ناول يا لکڻين جو مجموعو رکجي ته پوءِ توهان پهريائين ڪنهن کي پڙهڻ
چاهيندا؟“ ان تي هوءَ گهڙي کن لاءِ منجهي پئي ۽ وراڻيائين ته ”اهو توهان
ڏاڍو ڏکيو سوال ڪيو آهي“. پنهنجي مونجهاري کي پاڻ ئي حل ڪندي هن چيو ته
جيڪڏهن سندس اڳيان ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ يا ”ديوداس“ يا ”ناگ مين“ جهڙو
ڪو سٺو ڪتاب رکيو وڃي ته آءٌ پهريائين انهن کي پڙهنديس. پنهنجي ڳالهه جي هن
ستت ئي پاڻ ترديد ڪئي ۽ چيائين اڄ ڪلهه مون رسالا پڙهڻ، ريڊيو ٻڌڻ ۽
اخبارون ڏسڻ ڇڏي ڏنيون آهن، ان ڪري توهان جي سوال جو صحيح جواب آءٌ ڪيئن ٿي
ڏئي سگهان“. سندس خيال موجب صحافت سياست جي ترجمان هئي. ان ڪري پاڻ چيائين
ته کيس سياست توڙي لٽريچر سان ڪا به دلچسپي نه هئي، ان ڪري پاڻ ان دنيا
کان ڪٽجي ويئي آهي. ڳالهه هلندي اخبار جو ذڪر ڪندي چيائين ”توهان کي حيرت
ٿيندي ته مان اخبار رڳو ”تاريخ“ ڏسڻ لاءِ ڏسندي آهيان. مون سندس اهڙي عمل
تي جڏهن کانئس پڇيو ته ”ان جو مطلب ته توهان اخبار کي ڪئلينڊر طور استعمال
ڪري رهيا آهيو؟“ ان تي پاڻ ٿوري ديوانگيءَ واري کل کلندي ۽ بعد ۾ سنجيده ٿي
وراڻيائين ”جيڪڏهن ماڻهو ذهني سڪون چاهي ٿو ته بهتر آهي ته هو اخبار نه
پڙهي“. ماضيءَ جي مڃيل ڪهاڻيڪارا جي موجوده زندگيءَ تي اُڃَ جو پاڇو ڏسي
مون ان پاڇي جي پٺيان ڊوڙ پاتي ۽ مون کانئس اهو سوال پڇيو جيڪو منهنجي
سمجهه مطابق نسيم جي موجوده زندگيءَ واري ڪيفيت جو اصل سبب هو. منهنجو سوال
هو ”توهان کي پنهنجي شاديءَ جو تجربو ڪيئن لڳو؟“ هن جي ٻن لفظن واري جملي
جي پهرئين لفظ جو اچار تمام ڊگهو هو. اهي لفظ هئا ”تمام – تلخ“ هن پنهنجي
زندگيءَ جي انتهائي اهم ۽ نازڪ سوال جي جواب ۾ تڪڙ ۾ چيل انهن لفظن جي
تصحيح ڪئي ۽ چيو ”تلخ به اڃا هلڪو لفظ آهي – مون وٽ اهي لفظ به ڪونهن، جنهن
کي آءٌ انهيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهان. ”مرد بنيادي طرح بيوفا آهي. هو
پيار ڪري نه ڄاڻي“. سندس جواب ڏيڻ مهل موڊ جي ڳنڀيرتا ڏسي مون کان ان ساڳي
موضوع تي ٻيو سوال ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ۽ موضوع مٽائي ڇڏيو.
”ها ميڊم! توهان پنهنجي ڪهڙي اولاد مان وڌيڪ متاثر آهيو؟“
جواب ۾ هن پنهنجي اولاد مان متاثر هئڻ جي ترديد ڪئي. پاڻ چيائين ته جيئن ته
هو ٻئي (تانيا ۽ انيتا) سندس تخليق آهن، ان ڪري ٻئي کيس پياريون آهن. نسيم
کي پنهنجي ٻنهي ڌيئرن جي صلاحيتن تي به پختو ويساهه هو. پنهنجي پٽن جهڙين
نياڻين جي جوڙي جي پاڻ واکاڻ ڪندي هن چيو ته ”تانيا گهر ويٺي پاڻ کي شاعري ۽
ڪهاڻيءَ جي صنعت ۾ مڃائي ورتو آهي، ته انيتا جو وري آواز تمام ڀلو آهي، جي
هن کي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ جو موقعو مليو ته هوءَ پنهنجو پاڻ
مڃائيندي.“
ويساهه گهاتيءَ جي ماريل سنڌ جي هن انوکي اديبا کان مون
دوستيءَ بابت پڇيو. منهنجو سوال هو ته ”حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ کان
اڳ جڏهن سندس آخري خواهش بابت پڇيو ويو هو ته هن وراڻيو هو ته اي ڪاش خدا
مون کي هڪڙو دوست ڏئي“! ساڳيءَ ريت سيزا به بروٽس کي پنهنجو دوست سمجهندو
هو پر جڏهن بروٽس، سيزا کي خنجر هڻي ڪڍيو. انهن مثالن کي سامهون رکندي ڇا
توهان چوندا ته توهان کي به ڪو دوست مليو يا . . . . .؟
هن جي وراڻي لٽريچر جي زبان وانگي لڪايل نه هئي. هن چيو ”مون
کي اڄ تائين ڪو به سچو دوست ناهي مليو، منهنجي جذبن کي پنهنجن توڙي پراون
ايترو چيڀاٽيو آهي ۽ منهنجا احساس ايترا ته ڇيهون ڇيهون ٿيل آهن، جو انهن
کي هاڻي ڪنهن دوست جي تمنا ناهي رهي، پر آءٌ هڪ ڀيرو پنهنجي پراڻن دوستن
سان ضرور ملڻ چاهيندس ۽ انهن کي ٻانهن کان جهلي سيزا وارو ساڳيو سوال
پڇنديس ته ”يو ٽو – بروٽس؟“
سندس زندگيءَ بابت مون سندس عقل جي راءِ پئي وٺڻ چاهي ۽
کانئس سوال ڪيو ته ”ڇا توهان پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهيو؟“ ته هن نه
چاهيندي به ڪنڌ اوچو ڪري ڄڻ ضدي انداز ۾ وراڻيو ”ڪافي حد تائين آءٌ پنهنجي
گذرندڙ زندگيءَ مان مطمئن آهيان. بس ننڍا ننڍا مسئلا آهن، جيڪي وقفي آهن.
جيئن پئسي جي اڻاٺ وغيره هئي، پر گهر جي ڀاتين سان آءٌ ايڏي ويجهي آهيان جو
اهي مسئلا گهٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن محسوس ئي نه ٿيندا آهن.
ويساهه گهاتين ۽ بيوفائين جو ماريل هي انسان اڄ به ايڏو
اطمينان بخش ڪيئن آهي؟ اها ڳالهه مون لاءِ عجب کان گهٽ نه هئي. مون پنهنجي
سوچ کي سوال ۾ بدلائي کانئس پڇيو ته ان سڄي صورتحال جي باوجود توهان جي
اطمينان جو سبب ڪهڙو آهي. هن جواب ۾ وراڻيو ”پنهنجائپ ماڻهوءَ کي ڪمزور
ڪندي آهي، جڏهن ته دشمن ماڻهوءَ کي مضبوط ڪندوآهي. هن وقت آءٌ ڪنهن کي
پنهنجو سمجهان ئي نه ٿي. مان ته ان بيت جي ڀر پهتي آهيان ”چريا ٿياسين –
يار پرکياسين“ سو منهنجي اطمينان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته جڏهن ڪو پنهنجو ئي
ڪونهي ته ميار ڪنهن کي ڏجي. هن شعر وانگي:
زندگي ڪي اس مڪان پر مين لاتا چلا گيا
غم اور خوشي ڪا نه فرق محسوس هو.
جهان زندگي ڪو اس موڙ پر مين لاتا چلا گيا
(ڪاوش مئگزين تان کنيل)
0 comments: