Society - Killer of Innocence
منهنجي اکين آڏو آچر واري اُها اخبار پئي آهي جنهن جي پهرين صفحي جي لوئر آف تي انهن چئن معصومن جا لهوءَ ۾ ٻڏل لاش نظر اچي رهيا آهن جن کي بي شعوري بيدردي سان قتل ڪيو آهي. اهو واقعو جيڪو سنڌو ندي جي ڪناري تي موجود شهر ڪوٽڙي جي ڀرسان پيش آيو آهي جنهن ۾ هڪ ناري کي پناهه ڏيڻ واري معاملي تي هٿياربندن حملو ڪري ٽن معصوم ٻارڙن ۽ هڪ ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اُن حملي ۾ چار عورتون زخمي ٿي پيون آهن. چار مقتول انسان ۽ چار زخمي فرد جيڪڏهن ملايا وڃن ته انهن جو انگ 8 ٿيندو، پر اهو انگ پنهنجي احساس ۾ ان وقت تمام گهڻو وڌي وڃي ٿو جڏهن اُهي اٺ ئي انسان پنهنجي عمر ۽ جنس جي حوالي سان معصوميت جي دائري ۾ داخل ٿيل هجن. اها ڪيتري نه وحشت آهي جو ان سنڌودرياهه جي ڪناري تي اهڙي ڪارروائي عمل ۾ آئي آهي جنهن سنڌودرياهه سڀ کان اڳ هن سرزمين تي تهذيب جي آبياري ڪئي. جڏهن دنيا جا اڪثر ملڪ تهذيبي روشني کان محروم هئا. جڏهن ماڻهن کي غارن ۾ رهڻ کان وڌيڪ سوچ ۽ سمجهه نه هوندي هئي. جڏهن هو تتي ٿڌيءَ موسم ۾ جهنگن جهرن ۾ رهندا هئا ۽ اُهي سمورو وقت پنهنجو وجود بچائڻ جي لاءِ جهنگلي جانورن سان وڙهندا رهندا هئا، تڏهن اهي سنڌو ماٿري جا ماڻهو هئا جن موهن جي دڙي جهڙي عظيم ۽ عاليشان شهر جو بنياد وڌو ۽ هڪ اهڙي وستي جوڙي جيڪا اڄ به انساني عقل کي حيران ڪري ڇڏي ٿي. پوري پلاننگ ۽ تمام سوچ ۽ ويچار سان ٺهي راس ٿيل اهو شهر اسان کي اڄ به للڪاري چوي ٿو ته ڇا توهان موجوده دور ۾ هڪ به اهڙي وستي وجود ۾ آڻي سگهو ٿا؟ جيڪا گرمين، سردين ۽ برساتن کان تحفظ فراهم ڪندي هجي ۽ اسان جي اکين ۾ سواءِ هڪ لاچار منظر جي ٻيو ڪجهه ڪونهي.


0 comments: