Aid & Anticipation
اسان جو وزيراعظم اڃا تائين چين جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اُن دوري دوران چيني حڪومت توڙي چين جي ڪمپنين سان مختلف معاهدن کي مضبوط شڪليون ڏيڻ جي سلسلي ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي. پر چين جي حوالي سان پاڪستان جي حڪمران جو اِهو ڪو پهريون دورو ناهي، اِن کان اڳ به ڪيترائي حڪمران اسان جي پاڙيسري ملڪ چين جو دورو ڪندا رهيا آهن. چين پاڪستان جو هڪ بهترين ۽ هر آزمائش ۾ آزمايل ملڪ آهي. اُن ملڪ جي حوالي سان هونئن ته اڪيچار سٺائين جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو ۽ هونئن به چين خوبين جي کاڻ آهي، پر پاڪستان جي بهترين دوست جي اِها روش قابلِ داد ۽ احترام آهي ته اِن ڪڏهن به پاڪستان کي پيسي ڏوڪڙ جي صورت ۾ امداد ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. چين پاڪستان سان سدائين ترقي جي منصوبن ۾ مدد ڏيڻ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ سُٺو دوست اُهو ئي هوندو آهي جيڪو اوهان کي اِن قابل بڻائي جو اوهان ٻين آڏو امداد وارو هٿ ڊگهيڙڻ کان بچي وڃو. چين سدائين اِهو چاهيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ملڪي ۽ قومي وقار سان موجود رهي ۽ هو اهڙي ڪا به حيثيت اختيار ڪرڻ کان بچي جيڪا سندس شان وٽان نه آهي. چين پاڪستان کي هميشه زراعت کان وٺي صنعت تائين مختلف شعبن ۾ ترقيءَ ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون آڇيو آهي. جيڪڏهن اسان جا حڪمران چين جي اهڙي رويي مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها ته اڄ پاڪستان جي صورت ٻي هُجي ها، پر اسان پنهنجي ملڪ جي ماضي واري حڪومتي دورن ۾ سدائين اِهو ڏٺو آهي ته اسان جي حڪمرانن چين جهڙي دوست ملڪ سان ٽيڪنالاجي ۽ سائنس وارن شعبن ۾ سهڪار حاصل ڪرڻ بدران امداد تي ڀاڙيو آهي ۽ انهن ملڪن جو رُخ ڪيو آهي جتان انتهائي شرمناڪ شرطن تي اسان کي امداد جي نالي وارو قرض ملندو رهيو آهي. جڏهن ته اسان کي اِهو به سوچڻ گهرجي ته پاڪستان ۽ چين هڪ ئي وقت آجا ٿيل ٻه ملڪ هُئا. جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، تڏهن چين به پنهنجي سياسي ۽ قومي غلامي جا زنجير لاهي آزاد ٿيو. اُن وقت چين جي حالت پاڪستان کان وڌيڪ خراب هُئي. ڇو ته چيني ماڻهن جي اڪثريت آفيم جي هيراڪ هُئي ۽ گهٽ وسيلن ۽ تمام گهڻي آبادي واري اُن ملڪ ۾ ماڻهو تمام گهڻي اذيت جو شڪار هُئا پر چين پنهنجي اُنهن سمورين ڪمزورين کي پنهنجي طاقت بڻائيندي اڳتي وک وڌائي ۽ ٻيو ڪُجهه ڪري ڏيکاريو جنهن کي باقاعده ڪرشمو قرار ڏئي سگهجي ٿو. هِن وقت چين صرف ايشيا نه پر دُنيا ۾ هڪ مثالي ملڪ جي حيثيت سان موجود آهي. هن وقت چين دُنيا جي اڪيلي سُپر پاور سان معاشي ميدان ۾ جهڙيءَ ريت مُنڊو اٽڪائي بيٺو آهي اهڙي سگهه ٻيو ڪنهن ملڪ ۾ نظر نٿي اچي. هن وقت چين ايترو ته امير ملڪ ٿي ويو آهي جو سرمائيدار ملڪ هُن کان معاشي مدد وٺڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته چين ۾ هن وقت به ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت آهي. ڇا آمريڪا ڪڏهن سوچيو به هو ته هڪ ڏينهن کيس ڪميونسٽ حڪمرانن آڏو هٿ ڊگهيڙڻو پوندو!. پر چين پنهنجي حاصلات جي حوالي سان اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو دنيا ۾ ڪُجهه به ڪري سگهي ٿو. اِهو ئي سبب آهي ته اسان کي دُنيا جي هر ملڪ ۾ چيني ماڻهو نظر اچن ٿا ۽ هو جتي به آهن اُتي تمام وڏي محنت سان پنهنجو معتبري وارو مقام حاصل ڪري وٺن ٿا. دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ماڻهو آهن ۽ ڏوهاري نيٽ ورڪ هر ملڪ ۾ موجود آهن، پر جيڪڏهن اسان انگن اکرن کي ڏسنداسين ته اسان کي پوري دنيا ۾ ٻاهرين آبادي جي حوالي سان ڏوهاري سرگرمين ۾ چيني ماڻهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندو. ڇو ته چيني ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت اهڙي ٿيل آهي جو هو ڏوهاري سرگرميون پسند نٿا ڪن. اُن ڪري اُنهن جي پُرامن سڀاءَ سبب مختلف ملڪن جون حڪومتون کين پنهنجي پنهنجي ملڪ جي شهريت ڏيڻ ۾ ڪائي ڏکيائي محسوس نٿي ڪري. چين جي اهڙي عمل پٺيان جيڪو جذبو موجود آهي اُن جذبي کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي. اسان هميشه چين کان فوجي توڙي ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ مدد ورتي آهي ۽ اُها اسان کي چين پاران مُسرت سان ملي به آهي، پر اهڙي امداد تمام گهڻي بهتر آهي اُن امداد کان جيڪا ڪيش جي صورت ۾ وصول ڪئي وڃي ٿي، پر اِن امداد کان به تمام گهڻي بهتر شي اِها آهي ته اسان پنهنجي دوست ملڪ مان اُهو اتساهه حاصل ڪريون جيڪو قومن جي زندگين کي تبديل ڪندو آهي. جيڪڏهن چيني ماڻهو پنهنجي پيٽ کي پٽيون ٻڌي ڪُجهه وقت صبر جو روزو رکي تمام گهڻي محنت ۽ مشقت ڪندي تنزلي جي تري ۾ پيل پنهنجي ملڪ کي ترقي جي آسمان تي پهچايو ته پوءِ اسان پنهنجي ملڪ کي اُن منزل تي ڇو نٿا رسائي سگهون جنهن منزل تي پهچڻ کانپوءِ ملڪ بهتري جا مثال بڻجي ويندا آهن. پاڪستان کي پنهنجي حال تي رحم جون اپيلون ڪري دنيا کان خيراتون وٺڻ وارو سلسلو ختم ڪندي پنهنجا ڪشڪول ٽوڙي ۽ پنهنجي مجبور حيثيت کي مٽي، ڪُجهه وقت ايتري ته محنت مشقت ڪرڻي پوندي جو ان سان پاڪستان دنيا جي لاءِ ترقي جو ماڊل بڻجي وڃي ۽ اهڙي ترقي کانپوءِ اسان جا ڪيترائي مسئلا پنهنجو پاڻ حل ٿي ويندا. هن وقت جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا ۽ مغرب جي ٻين ملڪن جي پاران سخت دٻاءَ ۾ آيل آهي ته اُن جو سبب پاڪستان جي معاشي ڪمزوري آهي. جيڪڏهن پاڪستان معاشي طور تي مضبوط ملڪ هُجي ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي اُهو ڪجهه ڪرڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي جيڪو ڪُجهه ڪرڻ پاڪستان جي پنهنجي مفاد ۾ ناهي. پاڪستان چين کان اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام وڏو اُتساهه وٺي سگهي ٿي، پر افسوس جي ڳالهه اِها آهي ته اسان جي حڪمرانن اڃا تائين چين جي ترقي جو راز نه سمجهيو آهي. جڏهن ڪيترائي سال اڳ پاڪستان جو ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ چين ويو هو تڏهن اُتان واپس اچي هُن نصيحتي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيا هئا ۽ اِهو چوڻ لڳو هو ته چيني ماڻهو تمام گهڻي کنڊ پيدا ڪرڻ جي باوجود ڦِڪي چانهه پيئندا آهن ۽ هو هر طرح سان ڪفايت شعاري جو مظاهرو ڪندا آهن ۽ اُن کانپوءِ هاڻي ڪُجهه وقت اڳ جڏهن اسان جو صدر آصف علي زرداري چين جو دورو ڪري آيو تڏهن هُن اِهو سمجهيو ته شايد چيني ماڻهن جي ترقي جو راز چيني ٻولي آهي اُن ڪري هُن پاڪستان جي اسڪولن ۾ چيني ٻولي کي لازمي طور تي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو. پر جيئن ته هر صوبي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت نه هُئي اُن ڪري صدر صاحب جو اِهو فرمان صرف سنڌ تي لاڳو ڪيو ويو، پر اِها عجيب ۽ عمل ۾ نه اچي سگهڻ واري ڳالهه اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي ۽ چڱو ٿيو جو اهڙو کِل جوڳو تجربو ناڪامي ۽ ڪاميابي جي نتيجي کان اڳ ئي عمل ۾ نه اچي سگهيو. پر اسان کي اِها ڳالهه پوءِ به ويچارڻي پوندي ته آخر اُها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن فرش نشين چين کي عرش نشين چين بڻائي ڇڏيو؟ جنهن تمام گهڻي غربت ۽ پسماندگي واري قوم کي صرف 40، 50 سالن ۾ ناقابلِ شڪست طاقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن چين جي تاريخ جو مطالعو ڪيو ويندو ته اُهڙي ترقي پٺيان اسان کي تمام گهڻي محنت ۽ مشقت نظر ايندي. چيني ماڻهن جي اهڙي ترقي پويان سڀ کان وڏو هٿ اُن ڊسيپلين جو هو جيڪو ڊسيپلين ڪميونسٽ پارٽين جو بنياد سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن چيني ماڻهو ڊسيپلين سان هر حالت ۾ محنت نه ڪن ها ته جيڪر اڄ چين تباهي جي اُها تصوير بڻيل نظر اچي ها جيڪا دُنيا کي عبرت جو سبق ڏئي ها. پر چين واسين پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڊسيپلين سان سرانجام ڏنيون. انهن پنهنجي انقلابي اڳواڻ مائوزيتنگ جي قولن تي اکيون ٻُوٽي عمل ڪيو ۽ پاڻ کي هر محنت ۽ قرباني جي لاءِ اڳتي وڌي پيش ڪيو ۽ نتيجي ۾ چيني هڪ اهڙي چيڙهي قوم بڻجي ويا، جيڪا قوم هن وقت پوري دنيا جي لاءِ هڪ وڏو مثال آهي. جيڪڏهن اسان جا حڪمران چين مان اهڙي ترقي جو اتساهه وٺي پنهنجي ڪردارن کي تبديل ڪن ۽ پوءِ پنهنجي قوم جي ڪردار کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ته ڇا پاڪستان پنهنجي سمورين پيڙائن مان آجو نه ٿي ويندو؟ پاڪستان جي عوام هميشه بهتري چاهي آهي ۽ اِن سلسلي ۾ هُن سدائين ڪوشش ڪئي آهي ته ڪهڙي به سرڪار ملي اُها کين بهتري جي راهه تي وٺي هلي پر اسان وٽ سياست جا اڪثر رستا بدترين موڙن سان گڏيل رهيا آهن. هن وقت به پاڪستان جنهن حالت مان گذري رهيو آهي تنهن حالت ۾ اسان جي سياست کي سرڪاري توڙي غير سرڪاري حيثيت سان پنهنجي ذميواري جو احساس ٿيڻ گهرجي ۽ کيس اُهو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جنهن ڪردار کي ڏسندي پوري دنيا پنهنجي واتان چوڻ لڳي ته پاڪستان چين سميت دنيا جي هر ترقي يافته ملڪ جي قوم مان اُتساهه وٺي 21هين صدي ۾ هڪ پُرامن انقلابي مثال قائم ڪري رهيو آهي.

















































0 comments: